جامع الڪلام في منافع الانام

جامع الڪلام في منافع الانام (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب ٻارهين صدي هجريءَ ۾ ٺٽي جي عالمن جي وچ ۾ ٿيل عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ خط و ڪتابت تي ٻڌل ڪتاب آهي. ڪتاب جو محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ آهي، جنهن شيخ عبدالله بن محمد السنڌي جي تصنيف ڪيل هن ڪتاب کي سلوڻي سنڌيءَ ۾ آڻي وقت جي وڏن عالمن ۽ مشائخن جي وچ ۾ ٿيل خيالن جي ڏي وٺ کي اهل علم آڏو آڻي، تحقيق جا نوان باب کوليا آهن. ڪتاب جو مهاڳ ۽ مقدمو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو لکيل آهي. سنڌي ادبي بورڊ پاران 2006ع ۾ ڇپايل هن ڪتاب جا 170 صفحا آهن. ڪچي جلد سان ڊيمي سائيز واري هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو